ڏيجيءَ واري ٽڪري

ڏيجيءَ واري ٽڪري

ڏيجيءَ واري ٽڪري

ڏيجيءَ واري ٽڪري: هيءَ ٽڪري ضلعي خيرپور ۾ ڪوٽ ڏجي قلعي جي ڀرسان آهي. هڪ ارضي ماهر ’پنڊت ماڌو سروپ‘ 1935ع ۾ نارو دڙي سان گڏ هيءَ ٽڪري به چڪاسي هئي، جنهن جو چوڻ آهي ته ’نارو جو دڙو ۽ ڏيجيءَ واري ٽڪري ٻئي قديم دور جا آثار آهن.“ هن ماڳ تان ٺڪر جا رانديڪا ۽ پنڙا هٿ آيا آهن، جيڪي قديم دؤر سان واسطو رکن ٿا. مليل رانديڪن مٿان چٽ سالي اڪريل آهي. هن ٽڪريءَ بابت هڪ روايت آهي ته ٽڪريءَ تي ڏيجي نالو شيراز ٺڪر جي حاڪم شيراز جي ڌيءَ ڏيجيءَ پٺيان پيو. روايت آهي ته ڏيجيءَ واري ٽڪري ڀرسان موجود شيراز ٺڪر، جتي قديم دؤر ۾ شهر آباد هو ۽ اتي شيراز نالي حاڪم راڄ ڪندو هو، جنهن کي ڏيجيءَ نالي حسين ڌيءَ هوندي هئي، جنهن سان هڪ درويش اڀن شاهه جو نينهن اڙيو هو. جڏهن شيراز کي خبر پئي ته درويش اڀن شاهه کي سنگسار ڪرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين. اهي ماڻهو جڏهن درويش جي ويجھو پهتا، تڏهن درويش زمين کي آڱر سان اشارو ڪيو ۽ زمين ڦاٽي پئي، درويش زمين ۾ غائب ٿي ويو. اها خبر جڏهن ڏيجيءَ کي پئي تڏهن غمگين ٿي وئي ۽ ٽڪريءَ ۾ گوشه نشين ٿي زندگي گذاريائين. ان کانپوءِ سندس نالي پٺيان ’ڏيجيءَ واري ٽڪري‘ سڏجڻ لڳي. اڀن شاهه جو قبو ڀر واري ٽڪري تي آهي، پر هيءَ ٽڪري ان کان آڳاٽي آهي.


لفظ ڏيجيءَ واري ٽڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو